عمران خان: مٿي کان پيرن تائين ڪوڙو ۽ دوکيباز ماڻهو آهي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان مٿي کان پيرن تائين ڪوڙو ۽ دوکيباز ماڻهو آهي، عمران خان جو ڪوڙ قوم آڏو وائکو ٿي رهيو آهي.لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عمران خان احسان فراموش، محسن ڪش ماڻهو آهي، پي ٽي آءِ جو منهنجي خلاف تيار ڪيل بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل هو.وزيراعظم چيو ته نيوزيلينڊ سميت ٻين ملڪن ۾ هن جي خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪيس ۾ منهنجي بريت سموري ملڪ جي ڪاميابي آهي، عمران خان منهنجي خلاف هر حربو استعمال ڪيو پر کيس ناڪامي ملي.