عمران خان نڪاح بابت ڪوڙ ڳالهايو، هيرو جو اخلاقي ليول ڏسي وٺو: خاور مانيڪا

 بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا چيو آهي ته عمران خان نڪاح بابت ڪوڙ ڳالهايو، هيرو جو اخلاقي ليول ڏسي وٺو. اسلام آباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خاور مانيڪا چيو ته 14 نومبر تي مان بشريٰ بي بي کي طلاق ڏني، بشريٰ بي بي جي ڀاءُ کي به طلاق جي خبر نه هئي، پي ٽي آءِ باني جي نڪاح تي ڪنهن به نه پڇيو اسان جي خلاف منفي پروپيگنڊا ڪئي وئي هن چيو ته چئن سالن کان مون کي سوشل ميڊيا تي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي. مون پنهنجي خلاف بيانن جو ڪوبه جواب نه ڏنو پر اڄ پنهنجو موقف ڏيڻ چاهيان ٿو. پهرين جنوري تي پي ٽي آءِ باني جو نڪاح ٿيو ۽ 7 جنوري تي نڪاح کان انڪار ڪيو ويو، مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اڳوڻي وزيراعظم ڪوڙ ڇو ڳالهايو، وڏي هيرو جو اوهان اخلاقي ليول ڏسي وٺو. خاور مانيڪا چيو ته اسان کي هي مغربي ملڪن جون مثالون ڏيندا آهن، جيڪڏهن مغربي ملڪن ۾ اهڙو ڪو ڪم ٿيو هجي ته ماڻهو استعيفائون ڏئي ڇڏيندا آهن، ڪوڙ ڳالهائي اڄ تائين صفايون ڏئي رهيا آهن، اسان بحيثيت قوم ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون، عدت کي غلط بياني ڪري لڪايو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن طلاق ٿي وئي ته ڪهڙي خراب ڳالهه هئي، نڪاح جي لاءِ ٿورو انتظار ڪريو ها، پي ٽي آءِ باني 7 جنوري تي نڪاح جي ترديد ڪئي، 18 فيبروري تي ٻيون ڀيرو نڪاح ڪيو ويو، اڄ هنن جي وڪيلن جي ٽيم محنت تي لڳل آهي ته 39 ڏينهن جي مدت ثابت ڪرڻي آهي، ڪيس کي ڇو جلدي ختم ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڇا ڪنهن عالم کان پڇيو ويو، شريعت ڪورٽ سان به مشاورت نه ڪئي وئي، بشريٰ بي بي سان 28 سال گذاريا آهن، کٽيان يا هارايان ڪوبه فرق نٿو پوي، اسلامي قانون تي عمل ڪرڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي ججز جي خلاف ٽرولنگ ڪئي ويندي آهي.