عمران خان 9 مئي واقعن تي جيڪڏهن سچي دل سان معافي گهري ته آزاد ٿي سگهي ٿو: راڻا ثناءُالله

 وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله عمران خان جي آزادي کي معافي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. نجي چينل جي پروگرام جرگه ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته باني پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) عمران خان جيڪڏهن 9 مئي جي واقعن تي سچي دل سان معافي گهري ته آزاد ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته انهي کان اڳ  ڏنل بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو هو ته پي ٽي آءِ باني کي عدالت آزاد ڪري ٿي ته حڪومت کي ڪوبه اعتراض ناهي، عمران خان کي حڪومت نظربند ناهي ڪيو اهو پنهنجي ڪيسز جي ڪري جيل ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي ضمانت هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ مان ڪرائي سگهي ٿو.