قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي استعيفيٰ کان پوءِ سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ شبلي فراز به جوڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. شبلي فراز پنهنجي خلاف داخل ايف آءِ آرز ۽ عدالتي پيشين سبب استعيفيٰ ڏني، هن استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. خط ۾ شبلي فراز چيو ته منهنجي خلاف جيڪي ڪيسز داخل آهن اهي ڌيان گهرن ٿا، اهڙين حالتن ۾ وقت ڏيڻ مشڪل آهي ان ڪري مان پنهنجي جڳهه تي علي ظفر کي جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪريان ٿو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن عمر ايوب کان پوءِ شبلي فراز به جوڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، هن پنهنجي جڳهه تي بيرسٽر گوهر کي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڏانهن اماڻيل پنهنجي استعيفيٰ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته مان جوڊيشل ڪميشن مان استعيفيٰ جو فيصلو پنهنجي خلاف داخل فرسٽ انفارميشن رپورٽس(ايف آءِ آرز) ۽ قانوني ڪيسز جي ڪري ڪيو. ياد رهي ته پارليامينٽ طرفان 26هين آئيني ترميم کان پوءِ نومبر جي شروع ۾ اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي معاملي تي پارليامينٽ جي ميمبرن جو اعلان ڪيو ويو هو. جوڊيشل ڪميشن جي لاءِ پي ٽي آءِ طرفان قومي اسيمبلي مان عمر ايوب ۽ سينيٽ مان شبلي فراز کي ڪميشن جو حصو بنايو ويو هو ۽ انهن ڪميشن جي شروعاتي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي هئي.