عوام کي بجلي جو هڪ ٻيو جهٽڪو ڏيڻ جي تياري، وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

حڪومت طرفان عوام کي بجلي جو هڪ ٻيو جهٽڪو ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. قيمت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي سينٽرل پاور پرچيزنگ اٿارٽي(سي پي پي اي) طرفان نيپرا ۾ قيمت ۾ واڌ جي لاءِ ڏنل درخواست تي ٻڌڻي نيشنل اليڪٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي 23 فيبروري تي ڪندي جنهن ۾ هڪ مهيني جي لاءِ بجلي 7 روپيه 13 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي سي پي پي اي طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ اهو اضافو جنوري جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ طلب ڪيو ويو آهي بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي منظوري جي صورت ۾ صارفين تي 66 ارب روپين کان وڌيڪ جو بار پوندو.