عورت جا قانوني حق شادي کان پوءِ ختم نه ٿيندا آهن، سپريم ڪورٽ والد جي جڳهه ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازم جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڌيءَ کي نوڪري کان محروم ڪرڻ جي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي والد جي جڳهه ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. 9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکت ۾ جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عورت جي سڃاڻپ، قانوني حق ۽ خودمختاري شادي کان پوءِ ختم نه ٿيندي آهي، عدالت شادي شده ڌيئرن کي مرحوم والد جي ڪوٽا تي نوڪري نه ڏيڻ غيرقانوني ۽ امتيازي قرار ڏيندي چيو ته ڪي پي سول سرونٽس رولز جي تحت مرحوم يا طبي بنيادن تي رٽائرڊ سرڪاري ملازم جا سمورا ٻار نوڪري لاءِ اهل آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سيڪشن آفيسر طرفان هڪ وضاحتي خط جي ذريعي رولز کي تبديل ڪرڻ غيرقانوني آهي، اهڙيون ايگزيڪٽو هدايتون قانون کان مٿانهيون نٿيون ٿي سگهن، شادي جي بنياد تي ڌيئرن کي مرحوم ملازم جي ڪوٽا مان محروم ڪرڻ امتيازي سلوڪ آهي، اهڙو عمل آئين جي آرٽيڪل 25، 27 ۽ 14 جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته شادي سان عورت جي قانوني حيثيت، انهي جي ذات ۽ خودمختاري ختم نٿي ٿئي، مالي خودمختاري بنيادي حق آهي، عورت جا اهي حق شادي تي ڀاڙي نٿا سگهجن، آئين هر شهري کي هڪ جهڙا حق ڏئي ٿو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام ۾  به عورت کي پنهنجي ملڪيت، آمدني ۽ مالي معاملن تي مڪمل اختيار حاصل آهي، پاڪستان عورتن جي خلاف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جي خاتمي جي عالمي ڪنوينشن جي توثيق ڪئي آهي، انهي ڪنوينشن جي تحت شادي جي بنياد تي نوڪري ۾ امتيازي سلوڪ رکڻ غلط آهي. سپريم ڪورٽ عورت کي نوڪري جي حق کان محروم ڪرڻ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته لاڳاپيل کاتو درخواستگذار کي سمورين اڳوڻين مراعتن سان گڏ بحال ڪري.