عورت مارچ جي حوالي سان وومين ايڪشن فورم جي وفد جا حيدرآباد جي مختلف ڳوٺن جا دورا

حيدرآباد:(پ_ر) عورت مارچ حيدرآباد جي موبلائيزيشن لاء وومين ايڪشن فورم جي وفد امر سنڌو، ڊاڪٽر حسين مسرت ، نجمه پنھورء گلبدن جاويد حيدرآباد ضلعي جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو. جنھن ۾ آزاد نگر، ٽنڊو حيدر ۽ ھمٿ آباد شامل آھن عورت حقن ۽ عورت مارچ جي اھميت جي آگاھي ڏيندي عورت اڳواڻن ڳالھہ ٻولھہ ڪندي چيو تہ بي زمين ھارياڻين جي زمين جي مالڪاڻي حق جبري پورھئي جي غلامي ۾ زندگي گذاريندڙ ھارين جي آزادي، سندن ٻارن جي تعليم، صحت جي ذميوراي رياست تي عائد ٿئي ٿي. ھارين جي پورھئي تي رياست جي معشيت جا بنياد پيل آھن پر کين مالڪاڻن حق تي پري قبر جيتري زمين به نصيب ناھي. عورت مارچ کيت مزدور عورتن جي ڏھاڙي جي معاوضي کان ويندي، کين سفري سھولتون توڙي صحت ۽ تعليم جي بنيادي ضرورتن ۽ معاشي تحفظ جا مطالبا پيش ڪري ٿو گھريلو سطح تي تشدد ۽ ننڍي عمر جي شادين توڙي خانداني منصوبه بندي جھڙي معاملن تي عورتن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. ان موقعي تي جبري پورھئي مان آزاد عورتن خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پنھنجا روايتي گيت ۽ ڀڄن ڳايا. انھن وومين ايڪشن فورم جي وفد کي جدوجھد ۾ شموليت جي مڪمل اعتماد ڏياريو.