عيد کان اڳ پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

 16 جون کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ تقريبن 9 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. او ايم سيز ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ 2 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي حتمي قيمت جو اندازو اوگرا 13 ۽ 14 جون تي عالمي اگهن جي حساب سان لڳائيندي.