شھر ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ تي زور شاخ واري علائقي ۾ چئن اڻڄاتل ھٿياربندن ڦروٽ جي واپاري ڪوڙو ملڪ ۽ سندس ٻن ساٿين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئن ستر ھزار روڪ رقم۔ چنگچي رڪشه ۽ ٽي موبائيل فونون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا۔ ھٿياربندن ٽنھي ڄڻن جا ھٿ پير ۽ وات کي ٻڌي کين روڊ کان ھيٺ لاھي اڇلائي ويا۔ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ڏسڻ تي کين وٺي وڃي پوليس کي واقعي بابت آگاھي ڏني۔ حد جي پوليس واقعي جي اطلاع بعد رواني ٿي ويئي پر پوليس جي پھچڻ کان اڳ ئي ھٿياربند ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا