غوثپور۔ شھر ڀرسان لنڪ روڊ تنگواني واري علائقي ۾ جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ خوش محمد باجڪاڻي جو رھواسي پورھيت لياقت باجڪاڻي پنھنجي ڳوٺ کان ٽي ڏينھن اڳ ڪراچي ويندي زور شاخ واري علائقي مان مبينه اغوا ٿي ويو

غوثپور۔ شھر ڀرسان لنڪ روڊ تنگواني واري علائقي ۾ جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ خوش محمد باجڪاڻي جو رھواسي پورھيت لياقت باجڪاڻي پنھنجي ڳوٺ کان ٽي ڏينھن اڳ ڪراچي ويندي زور شاخ واري علائقي مان مبينه اغوا ٿي ويو۔ وارثن پاران اغوا جي تصديق ڪئي ويئي آھي۔ وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب ته ڳوٺ خوش محمد باجڪاڻي جو رھواسي پورھيت لياقت باجڪاڻي ٽي ڏينھن اڳ ڳوٺ کان رات جو ڪوچ ۾ وڃڻ لا۽ نڪتو ته زور شاخ ويجھو گھٽ ورتل ھٿياربندن کيس ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا۔ وارثن جڏھن کيس رابطو ڪيو ته فون نمبر بند اچڻ لڳو ۽ سندس ڳولھا ڪئي ويئي ته ڪو ڏس پتو نه ملي سگھيو۔ ڪالھ رات ڏوھارين سندس فون تان وارثن کي اطلاع ڪري ڀنگ جو بندوبست ڪرڻ لا۽ چيو۔ مغوي جي ڀائرن مھربان ۽ شعبان ٻڌايو ته اسانجو ڪراچي ۾ پورھيو ڪندو آھي جنھنکي ڏوھاري زور شاخ واري علائقي مان اغوا ڪري ويا آھن ۽ اسان اھڙو اطلاع جمال ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو آھي جنھن جاچ شروع ڪري ڏني آھي