غوثپور۔ چار ڏينهن اڳ شھر ڀرسان ڳوٺ مارک ڀيو واري علائقي ۾ انڊس هاءِ وي تي روڊ ڪراس ڪرڻ دوران تيز رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب ستن سالن جو معصوم نينگر خورشيد ڀيو ولد جلال ڀيو سکر اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو۔ فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو۔ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو۔ واضع رھي ته مقتول نينگر 4 ڏينهن اڳ گھر ڀرسان روڊ ڪراس ڪندي ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو ھيو جنهن کي سندس وارث کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو جتي هو اڄ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو۔ نينگر ڳوٺ جي مقامي اسڪول ۾ ٽيون درجو پڙھندو ھيو۔