غوثپورضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال انشاء الله تمام جلد بھتر ٿي ويندي۔ ڪشمور مان اغوا ٿيل مکي راجيش سميت پوري ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين کي ترت بازياب ڪرائي صورتحال کي بھتر بڻايو ويندو”اھڙو اظھار صوبائي وزير مير احسان الرحمان مزاري غوثپور ۾ سادات برادري جي اڳواڻ پير سيد بشير احمد شاھ جيلاني پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالھائيندي ڪيو۔ ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي بدامني واري معاملي تي تازو آ۽ جي سنڌ سان به ڪراچي ۾ ملاقات ٿي جنھن چيو ته ڏوھارين جي خاتمي لا۽ اسان جديد ڊرون انتظاميه کي ڏينداسين۔ ھن چيو ته مون رات مزاري برادري ۽ علائقي جي معززين جو ڪٺ به سڏايو آھي جنھن ۾ ضلعي ڪشمور ۾ امن امان کي بھتر ڪرڻ لا۽ تجويزون ورتيون وينديون ۽ گڏيل صلاح سان ڪا حڪمت عملي جوڙي ويندي۔ ان کان اڳ پروگرام جي ميزبان سيد بشير احمد شاھ کيس ٽوپي ۽ اجرڪ پارائي ۽ آيل معززين کي ڀليڪار ڪيو۔ ھن تقريب ۾ وڏيرو برڪت علي مزاري۔ گل محمد مزاري۔ لاله شمس پٺاڻ۔ سردار لياقت ملڪ۔ مھراب ڊومڪي۔ مکي سريش لال ۽ چوڌري نريش لال سميت ڪيترن ئي معززين پڻ شرڪت ڪئي۔۔