تنگواڻي ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي پوليس جو ڦرلٽ، ڌاڙيلن ۾ مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو گرفتار، 3 ڦورو فرار ٿي ويازخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ الاهي بخش باجڪاڻي طور ٿي آهي گرفتار جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پستول هٿ ڪيو ويو آهي جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو شروعاتي اطلاعن موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار ڪشمور پوليس جي ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي گرفتار جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. گرفتار جوابدار الاهي بخش باجڪاڻي خلاف تنگواڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.