غوثپور شھر ڀرسان ڪچي ڪيٽي ٿاڻي جي حد واري علائقي بيگاري بند ڀرسان ڳوٺاڻن کي اڄ صبح جو اسر ويلي ھڪ لاش لاوارث حالت ۾ ھٿ آيو آھي۔ لاش جي سڃاڻپ سندس کيسي ۾ پيل شاختي ڪارڊ موجب پشاور واسي وزير پٺاڻ طور ٿي آھي۔ پوليس ذريعن موجب فوتي ڪچي جي ڏوھارين وٽ ڪيتري ئي عرصي کان باندي بڻيل ھيو ۽ ڀنگ نه ملڻ تي کيس ماري اڇلايو ويو آھي۔ وڌيڪ جاچ جاري آھي۔ ٻئي پاسي مقتول جو لاش ڳوٺاڻن ڪچو ڪيٽي پوليس ٿاڻي حوالي ڪري ڇڏيو۔ ايس ايڇ او ڪچو ڪيٽي اھڙي واقعي جو اطلاع ايس ايس پي ڪشمور کي ڏيئي ڇڏيو۔ ذريعن موجب ڪجھ دير بعد لاش جو سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائي مرده خاني ۾ رکيو ويندو ۽ بعد ۾ سندس وارثن جي ڳولھا شروع ڪري کين اطلاع ڪيو ويندو۔ ڪچو ڪيٽي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي