غوثپور لڳ تعليم کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب شهر جي ھائير سيڪنڊري اسڪول زبون حالي جو شڪار بڻجي ويو شاگردن جو سهراب چاچڙ. رستم ڀيو. اسد شيخ. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري تعليم کاتي توڙي ضلعي انتظاميان خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شاگردن ۽ اسڪول جي پرنسپال غلام رباني ملڪ. ۽ استاد خان محمد ڀيو دانھيندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب ڪلاسن جون ڇتيون ڪري پيون آهن ۽ اسڪول ۾ بجلي ۽ پاڻي جي سهولت به ناهي نه وري فرنيچر جي پورائي آهي سندن جو چوڻ هو ته اهڙيون شڪايتون ڪيترا ئي ڀيرا تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي ڪيون آهن پر هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگهيو اسڪول انتظاميا جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ ڀيرو ھائير سيڪنڊري اسڪول جي مرمتي ڪم جو ٽينڊر به ٿيو هو جيڪو ڪاغذي ڪارروائي ۾ اسڪول جو مرمتي ڪم مڪمل ڃاڻائي ٺيڪيدار ضلعي انتظاميان توڙي تعليم کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان بل رليز ڪرائي ويو جيڪا شاگردن توڙي اسڪول انتظاميان سان سراسر نا انصافي آهي مظاهرو ڪندڙ شاگردن توڙي اسڪول انتظاميان نئين ٺهندڙ حڪومت توڙي تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته بنا ڪنهن دير جي اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائي اسڪول ۾ سولر سسٽم ڪرائي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون معيا ڪري ڏنيون وڃن جئين شاگرد بهتر نموني سان تعليم پرائي سگهن