غوثپور لڳ ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ساوند ۽ سندراڻي تڪرار جو نبيرو پي پي ايم پي اي سردار عابد خان سندراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو فيصلي م محمد خان جوڻيجو خورشيد احمد شاهه مير شبير علي خان بجاراڻي ڊاڪٽر طارق خان ساوند ۔ ۔ٻنھي ڌرين جي معززين سميت نبيري ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن پاران جرڳي ۾ شرڪت ڪئي ويئي آهي۔ ساوند سندراڻي تڪرار ۾ مارجي ويل سندراڻي برادري جي سراج سندراڻي سميت ساوند برادري جي زخمي ٿيلن ڇھن ڄڻن ھرھڪ فياض احمد۔ عبدالقادر۔ عبدالھادي۔ عبدالغفار۔ مورخان ۽ طفيل احمد ساوند شامل آھن۔ انھن ڇھن ڄڻن کي ٽي ھفتا اڳ قادرپور شھر جي ڳوٺ رئيس يار محمد ۾ پلاند ۾ گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو ھيو۔ جنھنجو اڄ دڙي ڳوٺ جي سندراڻي ھائوس تي نبيرو ڪيو پيو وڃي۔۔ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاء ٿيندڙ نبيري ۾ ٻنھي ڌرين جا ڪيترائي معزز اڳواڻ ۽ برادري جا چڱا مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند۔ رئيس صبحان۔ رئيس حبيب الله۔ ملان جلال۔ رئيس ھاشم ۽ جلال بگٽي سميت ٻيا شامل آھن غوثپور ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ علائقي جي پ پ ايم پي اي مير عابد سندراڻي جي سرپئنچي ھيٺ ساوند۔ سندراڻي تڪرار جو نبيرو ٿي ويو۔ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد فيصلي جي فتوا جاري ڪندي چيو ويو ته ڪجھ مھينا اڳ ٿيل گوھر پئليس تي ٻنھي ڌرين جي نبيري بعد ساوند ڌر طرفان اڳرائي/ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مٿن ٻھ ڪروڙ جو ڏنڊ ۽ مقتول سراج سندراڻي جي خون جو عيوضو ويھ لک ۽ سندس گھر جي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جو عيوضو به ويھ لک ساوند ڌر تي وڌو ويو۔ جڏھين ته سندراڻي برادري جي ھٿياربندن طرفان پلاند ۾ زخمي ڪيل ساوند برادري جي ڇھن ڄڻن جو عيوضو/ڏنڊ ڇھاسي لک روپيه وڌو ويو۔ مجموعي طور تي ٻنھي ڌرين مٿان ٽي ڪروڙ ۽ ڇويھ لک ڏنڊ وجھي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو۔۔۔