ڪنڌڪوٽ: غوثپور مان پنج ڏينھن اڳ مبينه اغوا ٿيل ٽن ھندو واپارين نتيش ڪمار گيھاڻي۔ سنجئي ڪمار ۽ نتيش ڪمار کي حد جي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي۔ ھندوپئنچايت ۽ سول سوسائٽي طرفان اڄ پنجين ڏينھن به مغوين جي واپسي ۽ بدامني کي ٻنجو نه اچڻ خلاف پوري شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو۔ ھندو پئنچايت جي مکي سريش لال ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان اڄ مئن انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان۔ اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مغوين جي واپسي ٿيڻ تائين اسانجو احتجاج جاري رھندو۔ ڀلي پوليس معاملي کي اينگھائي پر اسان پنھنجي جدوجھد جاري رکنداسين ۽ ان ۾ ڪابه سستائي نه ٿيندي۔ مکي سريش لال وڌيڪ چيو ته آ۽ جي سنڌ سان ملاقات ڪري به پوليس جي سست رويئي جي شڪايت ڪئي اٿسي۔ انتظاميه کي اسانکي ھر صورت ۾ تحفظ ڏيوڻو پوندو ۽ اھو اسانجو بنيادي حق آھي۔ ھن چيو ته اسان پنھنجي حقن ۽تحفظ خاطر پوئتي نه ھٽنداسين۔