غوثپور مين بس اڏي وٽ موٽرسائيڪل م لوھي ڦاسڻ سبب موٽرسائيڪل سوار ڪري پيا سامهون ٽرڪ ايندڙ موٽرسائيڪل سوار مٿان چڙھي وئي ھڪ ڄڻو فوت ھڪ زخمي اسپتال داخل مقتول جو مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو

تفصيل موجب غوثپور شھر جي مئن بس اڏي تي ڪرمپور شھر مان شادي جي تقريب مان واپس پنھنجي ڳوٺ سردار احمد علي بنگوار ڏانھن ويندي ٻھ موٽرسائيڪل سوار شھر جي بس اڏي واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل جي چئن ۾ لوئي ڦاسڻ سبب ڪنڌڪوٽ واسي ٻھ مسافر حمل گولاٽو ۽ يعقوب ابڙو ڪري پيا ته اوچتو سکر کان ايندڙ ٽرڪ سندن مٿان چڙھي ويھي جنھن سبب ٻئي ڄڻه مرڻينگ ٿي پيا۔ٻنھي مسافرن مان حمل گولاٽي جي حالت نازڪ ھجڻ سبب ڪنڌڪوٽ مان ايمبولنس گھرائي کيس سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو رستي م زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ۔ ٻئي زخمي يعقوب ابڙو کي رورل ھيلٿ سينٽر غوثپور ۾ آڻي کيس ابتدائي طبي امداد ڏيئي کيس سول اسپتال ڪنڌڪوٽ موڪليو ويو۔ ٻنھي زخمين جي وارثن کي اطلاع ڏيڻ بعد سندن وارث ڪنڌڪوٽ کان روانه ٿي آيا۔ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته حمل گولاٽي جي پيٽ مٿان ٽرڪ چڙھي وڃڻ سبب فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته مقتول جو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو