غوثپور ٽي ڏينھن اڳ اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان شھر جي مئن بس اڏي واري علائقي ۾ ٽن واپارين علي جان ٽانوري۔ خالد مھر ۽ ديوان مرلي ڌر کان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي لکين روپيه روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا۔اھڙي ڦر واري عمل ۽ علائقي ۾ وڌنڌڙ بدامني خلاف جي يو آ۽ جي سڏ تي اڄ شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري مئن انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو ۔ احتجاج جي يو آ۽ جي امير سيد سھيل شاھ۔ مولوي سائين بخش۔ مولانه سعادالله اوڳاھي۔ ثناء الله ۽ مولوي اسدالله ۔ مولوي جمالدين اوڳاھي جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو ۔ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڪشمور ضلعي کي ھڪ سال کان ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي۔ ڏوھاري چئني پاسن کان عوام کي لٽي ۽ ڦري رھيا آھن۔ پوليس جي رٽ بلڪل ئي ختم ٿي ويئي آھي۔ عوام سخت پريشان ۽ مايوس آھي۔ علائقي جي چونڊيل ميمبرن جو ڪو ڪردار نظر نٿو اچي۔ عوام ڪيڏانھن وڃي؟ ڏينھن ڏٺي ھٿياربند شھر اندر داخل ٿي لکين روپيه دوڪاندارن کان ڦر ڪريون وڃن ٿا ڪير به پڪڙجي ڪونه ٿو؟ اڳواڻن آ۽ جي سنڌ ۽ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته بدامني کي ٻجو ڏيئي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ ڌرڻو ٽي ڪلاڪ جاري رھيو جنھن بعد ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ مھدي ٽالپر واقعي واري ھنڌ پھچي اڳواڻن کان پنجن ڏينھن جي مھلت وٺي روڊ کولراي