غوثپور ڪجھ سال اڳ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل ڀيا برادري جي رئيس گل خان ڀيو جي قتل جو الزام ڀيا برادري پاران بجاراڻي برادري مٿان ھنيو ويو

غوثپور ڪجھ سال اڳ پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل ڀيا برادري جي رئيس گل خان ڀيو جي قتل جو الزام ڀيا برادري پاران بجاراڻي برادري مٿان ھنيو ويو جنھن معاملي تان ڪيترن ئي سالن کان ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي وارو ماحول برقرار ھيو۔ اڄ علائقي جي معززين سردار محبوب علي خان۔ بجاراڻي۔ مير شبير علي خان بجاراڻي الزام ھيٺ آيل چيف مقدم راجه غوث بخش بجاراڻي کي وٺي ڳوٺ مرھو ڀيو ۾ ڀيا برادري جي اڳواڻ بابل خان ڀيو۔ سردار ظفر علي ڀيو ۽ فاروق ڀيو جي تڏي تي اچي پنهنجي صفائي ڏني ته اسانجو بجاراڻي خاندان جو مقتول رئيس گل خان ڀيو جي قتل سان ڪوبه تعلق ناھي۔ اسان اڳ به وضاحت ڪئي ھئي سين ته اھو مبينه مقابلو پوليس ڪيو ھيو اسان ھر نيت ڏيڻ لا۽ اڳ ۾ تيار ھياسين ۽ ھاڻي به نيت ڏئي الزام کان آجا ٿيا آهيون بجاراڻي ڌر جي وضاحت کانپو۽ مير بابل خان ڀيو ۽ سردار ظفر خان ڀيو چيو ته اسان سڀ رنجشون ختم ڪيون سين ۔ اوھان اسانجي تڏي تي آيا آھيو۔ ھنن ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کين کير کنڊ ڪيو ويو جنھن بعد آيل سوين ماڻھن ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون۔۔واضعي رھي ته ٽي ڏينھن اڳ اڳوڻو پ پ ايم پي اي سردار عابد خان سندراڻي ڀيا برادري ڏي ان معاملي کي حل ڪرڻ لا۽ منٿ ميڙ قافلو وٺي ويو ھيو