غوثپور ھڪ سال اڳ غوثپور پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل شيخ برادري جي ٻن پورھيتن جي خون جو نبيرو اڄ شام شڪارپور ۾

غوثپور ھڪ سال اڳ غوثپور پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل شيخ برادري جي ٻن پورھيتن جي خون جو نبيرو اڄ شام شڪارپور ۾ شيخ برادري جي اڳواڻ مقبول شيخ جي سر پئنچي ھيٺ شيخ ھائوس ۾ ٿي گذريو۔ نبيري دوران الزام ھيٺ آيل اڳوڻي ايس ايڇ او غوثپور احمد نواز جکراڻي۔ وڏي منشي عبدالله چنو۔ ننڍو منشي بخت علي سومرو۔ پي سي ضياء جکراڻي۔ عبدالرشيد جکراڻي ۽ فياض جکراڻي تي خون جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مٿن ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ رکيو ويو۔ ڌرين مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مٿن ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڏنڊ مان ٽي لک روپيه انھن موقعي تي ادا ڪيا ۽ بقايا ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي۔ نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون۔ جڙتو مقابلي ۾ ملوث پوليس اھلڪارن کي ايس ايس پي ڪشمور طرفان لاڙڪاڻو ھا۽ ڪورٽ جي ڏنل حڪم بعد کين ھڪ مھينو اڳ نوڪري کان معطل ڪيو ويو ھيو۔۔واضع رھي ته ھڪ سال اڳ غوثپور پوليس ٻنھي پورھيتن کي موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون جي چوري جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ھيو ۽ رشوت نه ڏيڻ تي کين مبينه مقابلو ڄاڻائي فل فرا۽ ڪري ڇڏيو ھيو جنھن بعد وارثن سخت احتجاج ڪري لاڙڪاڻي جي ھا۽ ڪورٽ ۾ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري انڪوائري ڪرائي جنھن جي رپورٽ ۾ مقابلو جڙتو نڪتو