غوثپور شھر جي مئن پلي گرائونڊ ۾ اڳوڻي ايم پي اي مرحوم مکي سروانند تلريجا جي ياد ۾ اوڳاھي ڪرڪيٽ ڪلب طرفان ڪرڪيٽ جي ٽورنامينٽ ڪرائي ويئي جنھن ۾ غوثپور ۽ ڀرپاسي جي مختلف شھرن مان ستن مختلف ٽيمن حصو ورتو جنھن مان ٻھ ٽيمون ماشاالله اليون ۽ جيئي لطيف اليون فائنل جي مقابلي ۾ پھتيون۔ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پھتل ٽيم جيئي لطيف پھرين راند ڪندي مقرر 8 اوورن “ 76 رنسون ٺاھي ورتيون جڏھين ته مخالف ٽيم ماشاء الله اليون صرف 30 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي ويئي۔ ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي بھترين رانديگر محسن بجاراڻي مين آف مئچ ۽ مئن آف سيريز جو اعزاز پنھنجي نانء ڪري ورتو جڏھين ته زبير ميراڻي ٽورنامينٽ جو بھترين بالر جو اعزاز حاصل ڪيو۔ ٽورنامينٽ ۾ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان سوين ڪرڪيٽ جي شوقينن اچي راند جو مزو ورتو جڏھين ته علائقي جي معززين حافظ خليل۔ نارائڻ ناز۔ سني ڪمار ۽ ,ماجد ميراڻي کٽي ايندڙ ٽيم جي رانديگرن ۾ ڪپ ۽ گفٽون ورھائي سندن ھمت افزائي ڪئي۔۔