فلورملز مالڪن جي هڙتال ٽئين ڏينهن ۾ داخل، مختلف شهرن ۾ اٽي جي کوٽ پيدا ٿي وئي

 سڄي ملڪ ۾ فلور ملز مالڪن جي هڙتال ٽئين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪي آهي جنهن سبب مقامي مارڪيٽن ۾ اٽي جي ورهاست بند ٿيڻ سان اٽي جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان ٿي ويو آهي. ملز مالڪان ود هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف مطالبا پورا ٿيڻ تائين هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سبب اٽي جي ملز ۾ تالا لڳي ويا ۽ ڪم بند ٿي ويو آهي، ڪم بند ٿيڻ سبب مقامي مارڪيٽن کي اٽي جي ورهاست بند ٿيڻ سان اٽي جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي ان حوالي سان اٽي ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته هنيئر تائين اسان سان حڪومت طرفان ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ملڪ جي ٻين شهرن جيان ڪوئٽه سميت بلوچستان ۾ به اٽي جون ملون بند آهن. ڪڻڪ جي پيسائي بند ٿيڻ سان مارڪيٽ ۾ اٽي جي سپلاءِ رڪجي وئي آهي. ڪوئٽه شهر جي سمورين فلورملز مان اٽي جي پيسائي ۽ سپلاءِ معطل ٿيڻ کان پوءِ اٽي جون قيمتون 200 کان 1000 هزار روپين تائين جو اضافو ٿي ويو آهي.