پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ملي آهي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ 3 ميچز جي سيريز جو ٻيون ٽي ٽوئنٽي پاڪستاني وقت موجب اڄ صبح 5 وڳي فلوريڊا ۾ شروع ٿيو، پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز جي خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورز ۾ ويسٽ انڊيز کي کٽڻ جي لاءِ 134 رنسن جو حدف ڏنو پاڪستان طرفان حسن نواز سڀني کان وڌيڪ 40 رنسون ٺاهيون، ڪپتان سلمان علي آغا 38 رنسون ٺاهيون جڏهن ته فخر زمان 20 رنسون ٺاهيون ويسٽ انڊيز جي جيسن هولڊر 19 رنسن جي عيوض 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. گودا ڪيش موتي 39 رنسون ڏئي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ويسٽ انڊيز 134 رنسن جو حدف آخري بال تي حاصل ڪيو. گودا ڪيش موتي 28 ۽ ڪپتان شاني هوپ 21 رنسون ٺاهيون انهي کان علاوه روسٽن چيز ۽ جيسن هولڊر 16-16 رنسون اسڪور ڪيون. واضح رهي ته 3 ٽيسٽ ميچز جي سيريز هڪ هڪ کان برابر ٿي وئي آهي.