سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جواد ايس خواجه 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. عدالت جواد ايس خواجه جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا آئيني بينچ کي مڃو ٿا؟ جنهن تي وڪيل چيو ته مان آئيني بينچ جي اختيار واري دائري کي نٿو مڃان. جسٽل جمال مندوخيل اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جواد ايس خواجه جي وڪيل کي چيو ته پوءِ اوهان عدالت جو ڪمرو ڇڏي ڏيو جنهن تي وڪيل چيو ته موجوده آئيني بينچ کي جوڊيشل ڪميشن نامزد ڪيو آهي. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا 26هين آئيني ترميم ڪالعدم ٿي چڪي آهي؟ جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان جي طرفان دير وارا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن، هر ٻڌڻي تي اهڙي ڪانه ڪا درخواست اچي ويندي آهي. 26هين آئيني ترميم ڪالعدم ٿي وڃي ته عدالتي فيصلن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي جن ماڻهن کي ملٽري ڪورٽس ۾ حراست ۾ رکيو ويو اهي به ائين ئي چاهين ٿا. آئيني بينچ حفيظ الله نيازي کي روسٽرم تي گهرائي پڇيو ته ڇا اوهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي هن چيو ته مان هي ڪيس هلائڻ چاهيان ٿو، جڏهن ته جسٽس مسرت بلالي چيو ته جيڪي ماڻهو جيلن ۾ پيل آهن انهن جو سوچو، اوهان جو ته هن ڪيس ۾ حق جي دعويٰ نٿي بڻجي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان جو ڪوبه پيارو حراست ۾ نه آهي انهي لاءِ دير چاهيو ٿا، سپريم ڪورٽ آئيني ترميم جي تحت ئي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا به بينچ بڻجي رهي آهي نئين ترميم جي تحت ئي بڻجي رهي آهي. آئيني ترميم جو ڪيس به ترميم جي تحت بنجندڙ بينچ ئي ٻڌندو. آئيني بينچ 26هين ترميم جي فيصلي تائين فوجي عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان جواد ايس خواجه تي 20 هزار روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو.