فيصل آباد ۾ تاندليا نواله جي ڀرسان ڪوهيڙي سبب ڪار ڪمند سان ڀريل ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. پوليس ترجمان موجب حادثو تاليانواله جي ڀرسان پيش آيو جتي لاهور مان آيل هڪ ڪار جنهن ۾ ٻار، عورتون ۽ هڪ مرد سوار هئا، ڪوهيڙي سبب ڪمند سان ڀريل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ انهي ۾ سوار هڪ عورت رابعه بي بي پنهنجي ڌيئرن 13 ورهين جي فجر، 11 ورهين جي عمامه، 6 ورهين جي يحيٰ، هڪ ورهين جي موسيٰ ۽ سندس ويجهي مائٽ هڪ ورهين جي رئيس سميت فوت ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب حادثي کان پوءِ ڪمند سان ڀريل ٽرالي جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس موجب ڪار هلائيندڙ شخص شاهزيب زال ۽ پٽن سميت زخمي ٿيو حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪارن موقعي تي پهچي امدادي ڪارروائين دوران لاش ۽ زخمين کي ڪار مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ٽنهي سخت زخمين کي علاج جي لاءِ الائيڊ اسپتال فيصل آباد منتقل ڪيو ويو آهي.