فيض گنج ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي

فيض گنج ويجهو اڪري پوليس ٿاڻي جي حد مهراڻ هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، واقعو ڳوٺ حبيب راڄپر وٽ پيش آيو. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار محمد ياسين، نثار شر ۽ لونگ نانگور زخمي ٿي پيا محرابپور واسي ٽئي پوليس اهلڪار محرم جي ڊيوٽي تي دريا خان مري وڃي رهيا هئا ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي. فيض گنج اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ بجلي بند هئڻ سبب زخمي اهلڪار دانهون ڪندا رهيا. فيض گنج اسپتال ۾ ايمبولنس نه هئڻ سبب زخمي اهلڪارن کي پوليس موبائيل ۾ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.