سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جي قتل واري معاملي تي سنڌ بار ڪونسل 4 آگسٽ تي سموري صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ بار ڪونسل سومر تي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي نامزد جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته قاتل عمران آفريدي جو پيءُ نبي گل سنڌ پوليس جو اهڪار ۽ مقتول خواجه شمس الاسلام جي سيڪيورٽي تي مقرر هو پوليس سينئر وڪيل کي قتل ڪندڙ عمران آفريدي جي ٻن ويجهن مائٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته مُک جوابدار اڃان تائين فرار آهي. واضح رهي ته سينئر وڪيل خواجه شمس الاسلام ڊي ايڇ اي فيز 5 ۾ هڪ جنازي ۾ شرڪت جي لاءِ پٽ سان گڏ آيو هو جتي شلوار قميص پاتل هٿياربند جوابدار انهي تي فائرنگ ڪئي ۽ موٽر سائيڪل تي فرار ٿي ويو خواجه شمس الاسلام کي پيٽ ۾ جڏهن ته سندس پٽ کي چيلهه ۾ گولي لڳي، سينئر وڪيل ۽ ان جي پٽ کي فوري طور تي ويجهي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر خواجه شمس الاسلام زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.