قاضي احمد ۾ جوکيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 15 کان وڌيڪ زخمي

قاضي احمد ۾ جوکيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهر اڳيان گندي پاڻي جي نالي ڪڍڻ واري معاملي تي جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ، ڪھاڙين ۽ لٺين جي استعمال سبب ٻنھي ڌرين جا 15 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ڀائو جوکيو، محرم جوکيو، مٺو جوکيو، صحبت جوکيو، علي محمد جوکيو، گلشير جوکيو، احسان جوکيو، طالب جوکيو، مريد جوکيو ۽ حسيني شير محمد جوکيو شامل آهن. واقعي بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به ذميوار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهن پاران واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته تڪرار جو حل نڪري، جيئن اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن.