تفصيلات موجب، ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول وڏي ڪارروائي ڪندي قتل جي مقدمي ۾ گهربل اشتهاري ملزم کي عمان مان گرفتار ڪري ورتو۔ ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، ملزم بلاول کي گرفتار ڪري لاهور ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو، جتي کيس پنجاب پوليس جي حوالي ڪيو ويو۔ ملزم خلاف لاهور جي ٿاڻي چونگ ۾ ڪيس داخل هو، جڏهن ته هو گذريل سال ملڪ ڇڏڻ بعد فرار ٿي ويو هو۔ ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ملزم کي قانوني ڪارروائي لاءِ پنجاب پوليس حوالي ڪيو ويو آهي۔