قمبر ڀرسان پراڻي تڪرار ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

ضلعي هيڊڪوارٽر قمبر ۾ بس اسٽينڊ تي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ  جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻنهي ڌرين جا 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو الطاف مغيري کي مارڻ تي پيش آيو آهي، جنهن کي ڪجهه مهينا اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو امڪان آهي. مارجي ويلن ۾ ملان عرف نور محمد مغيري ۽ منشاد عرف فقير محمد مغيري شامل آهن، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.