قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سيڪريٽري کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، سڀاڻي ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ نه ويهنداسين: بيرسٽر گوهر

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سيڪريٽري کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته سڀاڻي ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ نه ويهنداسين. علي محمد خان، اسد قيصر ۽ ٻين سان گڏ  خيبرپختونخواهه ۾ بيرسٽر گوهر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان ڳالهين سان سياسي مسئلن جو حل ڪڍنداسين، ڳالهين جي حوالي سان اسان 7 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، هن چيو ته اسان سڀاڻي ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ نه ويهنداسين، انهي بابت سيڪريٽري ۽ اسپيڪر کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته پيڪا ايڪٽ جو قانون لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي، اها حڪومت جڏهن کان آئي آهي تڪڙ ۾ قانون پاس ڪرائي رهي آهي. پيڪا ايڪٽ جي تحت جنهن کي به گهرجي ڪوڙين خبرن جي دائري ۾ کڻي وٺندا، اسان ميڊيا جي جائز حقن سان گڏ بيٺل آهيون. بيرسٽر گوهر چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀو آهي، انهي ميڊيا ذريعي اسان کي پنهنجن مسئلن جي باري ۾ خبر پوندي آهي. حڪمران اڄ ميڊيا جي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اهو قانون پاس به ٿي وڃي تڏهن به انهي کي عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين. هن چيو ته اميد آهي ته عدليه انهي کي ٻڌندي، ڪُرم جي مسئلي تي سموريون سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي اچي ويون آهن، اڄوڪي ڪانفرنس ۾ 20 کان وڌيڪ پارٽين شرڪت ڪئي. اسان هڪ گڏيل لائحه عمل ٺاهي رهيا آهيون جڏهن ته سينيٽر فيصل سليم کي پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي تي اسان شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.