لاهور: جوهر ٽائون ۾ سلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي

) لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ سلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب جوهر ٽائون جي عالم دين چوڪ تي سلينڊر جي دڪان ۾ گيس ريفلنگ دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي طبي امداد ڏئي اسپتال منتقل ڪيو.