لاهور :جي هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.لاهور جي بهائي گيٽ واري علائقي ۾ بلڊنگ ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، فوت ٿي ويلن ۾ ظهيرالدين نالي شهري جي گهر واري، ٻار، پوٽا ۽ پوٽيون شامل آهن.ريسڪيو اختيارين موجب گهر ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي باهه بلڊنگ جي ٽنهي منزلن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. فوت ٿي ويلن پاڻ کي هڪ ئي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو جيڪي بچي نه سگهيا.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي بهائي گيٽ ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ واري واقعي دوران هڪ ئي خاندان جي 10 ڄڻن جي سڙي فوت ٿي وڃڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.نگران وڏي وزير چيو ته هن المناڪ واقعي تي دلي ڏک پهتو آهي. فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.فوت ٿي ويلن ۾ 6 ٻار، 2 عورتون، هڪ مرد شامل آهن جن ۾ 60 ورهين جي ستاره بانو زال ظهيرالدين، فرانه ۽ ان جي ڌيءَ، 13 ورهين جي سيماب، 18 ورهين جي ثانيه، ۽ ان جو پٽ 13 ورهين جو مونو، 16 ورهين جو عادل، 4 ورهين جو سائل، نزل فاطمه ولد وارث علي شامل آهن.