لاهور جي تڪ پي پي 162 ۾ پيپلز پارٽي اميدوار جي چونڊ آفيس تي پيٽرول بم اڇلائڻ جو ڪيس 10 نامعلوم ماڻهن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جي اميدوار منظر عباس کوکر جي پٽ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس جي مدعي موجب نامعلوم ماڻهو پيٽرول سان ڀريل بوتلون کڻي آفيس تي حملو ڪيو. پيٽرول سان ڀريل بوتلون آفيس جي دروازن ۽ بينرز تي اڇلائي باهه ڏني وئي هوڏانهن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊ آفيس تي حملي جو نوٽيس ورتو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي شڪايت تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته آءِ جي پنجاب کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ياد رهي ته گذريل رات لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊ آفيس تي نامعلوم هٿياربندن پيٽرول بم حملو ڪيو هو. جنهن دوران آفيس جي دروازي تي لڳل بينرز ۽ پينافليڪس سميت ٻيون شيون سڙي خاڪ ٿي ويون هيون لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 162 تان اميدوار منظفر عباس کوکر جي ٽائون شپ ۾ آفيس تي حملو ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان اين اي 128 ۾ پيپلز پارٽي جي آفيس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو هو ته ڪجهه مخالفن اليڪشن آفيس تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو جيڪو ڳڻتي ۽ مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته پوليس اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪري رهي آهي، پنجاب پوليس جي ذميوارن ۽ اليڪشن ڪميشن کي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ٻئي طرف سينيٽر تاج حيدر پي پي 162 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار منظر عباس جي چونڊ آفيس تي حملي جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي. لکيل خط ۾ هن چيو ته پي پي 162 اصل ۾ اين اي 127 جو هڪ تڪ آهي جتان کان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ وڙهي رهيو آهي ۽ انهي علائقي ۾ ڪوبه سيڪيورٽي خطرو تمام گهڻو سنگين معاملو آهي هن چيو ته آءِ جي ۽ سي پي او لاهور کي هدايت ڪئي وڃي ته اهي حملي جي مڪمل جاچ ڪن ۽ ڏوهارين جي خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن قائم ڪن.