لاڙڪاڻو: هٿياربندن پاران 14 سالن جو نوجوان امڙ اڳيان قتل

لاڙڪاڻي جي ليڊيز جيل ويجهو عرفان ميڊيڪل سينٽر اڳيان 14 سالن جو نوجوان اسد الله ولد نياز علي مغيري هٿياربندن هٿان امڙ ۽ نانيءَ جي اکين اڳيان سرعام قتل ٿي ويو. واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. ڄاڻ موجب، اسد الله پنهنجي امڙ ۽ نانيءَ سان گڏ عرفان ميڊيڪل سينٽر آيو هو، جتي هٿياربندن کيس هدف بڻائي فائرنگ ڪئي. نوجوان موقعي تي ئي جان ڏئي ويٺو. دردناڪ واقعي بعد امڙ ۽ نانيءَ جي دانهون ۽ صدائون هر طرف گونجي ويون، جتي ڪهرام مچي ويو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وارثن انصاف جي اپيل ڪئي آهي. اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.