لاڙڪاڻي ويجهو تشدد جو شڪار پورهيت فوت، وارثن جو ڌرڻو

لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ 22 ڏينهن اڳ ڪاٺيون وڍڻ جي معاملي تان مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايل پورهيت نور محمد شيخ علاج دوران لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر ۾ فوت ٿي ويو. وارثن پاران مقتول پورهيت جو لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته نور محمد کي وحشياڻي تشدد کان پوءِ ڪهاڙين ۽ لٺين سان زخمي ڪيو ويو هو، جنهن سبب هو 22 ڏينهن تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو. مقتول جي وارثن واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.