لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري مين ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميه خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري مين ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميه طرفان بي ايڊ جي سالياني فيس ۾ واڌ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن عديل احمد مستوعي زاھد جوکيو ، رزاق ميراڻي، فياض احمد سولنگي، اسامه لاشاري، شاگردياڻين ڪرن کوسو، قرت العين ڀٽو، علينا ڏيٿو، خوش بخت ابڙو ۽ ٻين چيو ته اسان گورنمينٽ ايليمينٽري مين ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ۾ بي ايڊ جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميه 2600 روپين مان وڌائي 4600 روپيا ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري عام ماڻهو پريشان آهن ته ٻئي پاسي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جي زيور کان محروم ڪري فيس ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي جنهن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. هنن چيو ته ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 80 سيڪڙو شاگردن ۽ شاگردياڻين جو واسطو غريب ۽ وچولي طبقي سان آهي جيڪي مشڪل سان پنهنجي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جن سان وڏي زيادتي ڪئي پئي وڃي. هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير، نگران تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته فيس ۾ واڌ واپس وٺي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو