لوئر ڪرم ۾ بگن جي علائقي ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ جي واقعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر زخمي ٿي پيو. رپورٽ موجب لوئر ڪرم ۾ سرڪاري گاڏين تي نامعلوم ماڻهن طرفان فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد الله محسود زخمي ٿي پيو. شروعاتي ڄاڻ موجب فائرنگ جو نشانو بنجندڙ ڊپٽي ڪمشنر ڪرم جاويد الله محسود کي زخمي حالت ۾ تعلقي لوئر عليزئي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر کان علاوه هڪ پوليس اهلڪار به فائرنگ سبب زخمي ٿيو آهي. ٻئي پاسي مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته تعلقه علي زئي ضلعي ڪرم ۾ عرفاني ڪلي جي ڀرسان سرڪاري گاڏين تي پٿراءُ ۽ فائرنگ جي رپورٽ پڻ ملي آهي. خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر کي عليزئي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهي جي حالت خطري کان پوءِ آهي، انهي کي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي پشاور منتقل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي قافلي کي في الحال روڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر انهي واقعي ۾ محفوظ آهي. ٻئي پاسي ڪرم ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ جي واقعي جي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مذمت ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو زخمي ٿيڻ انتظاميه جي نااهلي آهي. هن چيو ته امدادي قافلي تي فائرنگ صوبائي حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مان ڊپٽي ڪمشنر جاويد محسود جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. ٻئي طرف پشاور جي علائقي دائودزئي ۾ پوليس اهلڪار جي گهر تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو اهو واقعو گذريل رات دير سان پيش آيو. پوليس موجب اهلڪار ڊي ايس پي وراسڪ سان گڏ ڊرائيور آهي، دستي بم حملي جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي.