ايس پي سي ٽي ڊي بنون ڳجهي اطلاع تي لکي مروت ۾ ڪارروائي جنهن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جو اهم ڪمانڊر ولي مارجي ويو. پوليس موجب ٽجوڙي روڊ ڀرسان ملنگ اڊه ۾ آپريشن ڪيو ته اتي موجود هٿياربند دهشتگردن پوليس تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس پارٽي به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ان جا ٻيا ساٿي واقعي واري هنڌان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ولي الله عرف ولي ولد حضرت علي عرف بچڪن احمد زمئي ضلع لکي مروت جي نالي سان ٿي. مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار ۽ 2 هينڊ گرينيڊ به هٿ آيا. مارجي ويل شخص پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ٽيپو گل گروپ جو مقامي اڳواڻ هو ۽ ڪمانڊر عتيق الرحمان عرف ٽيپو گل مروت جو ناٺي هو. هو سي ٽي ڊي بنون، ڊي آءِ خان ۽ مقامي پوليس تي بم ڌماڪن پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو.