لڳي ٿو ته ايوان صدر ٻاهرين دٻاءُ جو شڪار آهي، صدر جي اعتراضن تي جي يو آءِ جو رد عمل سامهون اچي ويو

 صدر آصف علي زرداري طرفان مدرسن جي رجسٽريشن بابت سوسائٽي رجسٽريشن بل تي اعتراضن جي يو آءِ جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ تي 8 اعتراض اٿاري ڇڏيا آهن. صدر آصف علي زرداري اعتراض ڪيو ته بل جي قانون بنجڻ سان مدرسا جيڪڏهن سوسائٽيز ايڪٽ جي تحت رجسٽرڊ ٿيندا ته ايف اي ٽي ايف ۽ جي ايس پي سميت ٻين تي به پابندين جو امڪان آهي. مدرسن جي رجسٽريشن سوسائٽيز ايڪٽ جي ذريعي شروع ڪئي وئي ته قانون جي عملداري گهٽ ٿي ويندي پوءِ قانون گهٽ ۽ من ماني وڌيڪ هوندي. صدر جو اعتراض آهي ته جيڪڏهن سوسائٽي رجسٽريشن ۾ ديني تعليم ۽ فائن آرٽ رکون ٿا ته انهي سان تڪرار ٿيندو انهي سان مختلف نڪته نظر رکندڙن جو تڪرار ٿي سگهي ٿو. اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 ۾ ديني تعليم شامل نه آهي. سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 ۾ فائن آرٽ تعليم شامل آهي جنهن ۾ ڊانس ڪلاسز، آرٽ ڪلاسز شامل آهن. صدر آصف زرداري امڪان ظاهر ڪيو ته گڏيل بل منظور ٿيڻ سان عالمي سطح تي پابندين جو امڪان آهي. صدر اسيمبلي ميمبرن کي تجويز ڏني آهي ته مدرسن بابت بل ٺاهڻ جي لاءِ عالمي سطح جي معاملن کي آڏو رکيو وڃي. صدر جي اعتراضن تي رد عمل ڏيندي جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو ته صدر آصف زرداري جا مدرسن جي ايڪٽ تي اعتراض حيران ڪندڙ آهي. پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جا اعتراض آئين ۾ ڏنل مدي اندر نه آهن. اعتراض قسطن ۾ ڪيا ويا، هڪ ڀيرو اعتراض جو جواب ڏنو ويو، ٻيهر اعتراض اٿارڻ جو حق نه آهي. جي يو آءِ ترجمان چيو ته اعتراض قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن اماڻڻ گهرجن ها، انهي کي به اعتراض ناهن اماڻيا ويا، جيڪو اعتراض اسپيڪر ڏانهن اماڻيو ويو اسان انهي جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. جي يو آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته صدر طرفان ترميم تي اعتراض سان گڏ تجويز ۽ حل به اماڻيو ويو آهي مدرسن جي بل ۾ ڪابه تجويز ۽ حل نه ٻڌايو ويو آهي لڳي ٿو ته ايوان صدر ٻاهرين دٻاءُ جو شڪار آهي.