مالي سال 2024-25 بجيٽ: عورتن جي لاءِ پريشانيون وڌي ويون، ميڪ اپ جي سامان سميت ڪيتريون ئي شيون مهانگيون

مالي سال 2024-25 جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ ميڪ اپ جو سامان، جلد  ۽ وارن جي خوبصورتي لاءِ به امپورٽڊ شيون ريگوليٽري ڊيوٽي هيٺ اچي ويون آهن جنهن کان پوءِ اهي شيون 55 سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون آهن. ايندڙ مالي سال جي فنانس بل ۾ نه کير بچيو، نه فروٽ، ماکي، صوف، چيري، انجير ۽ انب سميت سمورو فروٽ 20 کان 45 سيڪڙو مهانگا ٿي ويا. جڏهن ته حڪومت ڪيترين ئي شين تي 5 کان 55 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌائي ڇڏي جاري ڪيل ايس آر او موجب صوف، ليچي 45 سيڪڙو، درمدي چيري ۽ فروزن مڇي 35 سيڪڙو، مڪئي ۽ قدرتي ماکي 30 سيڪڙو، درآمدي کير، ملڪ ڪريم، کجي، انجير، پائن ايپل، زيتون ۽ انب به 25 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي جو نشانو بڻجي ويا. جڏهن ته ڏهي، مکڻ ۽ فروٽ به 20 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لڳڻ سبب مهانگا ٿي ويا. درآمد ڪيل شيونگ ڪريم ۽ صابڻ 50 سيڪڙو، درآمدي جيولري تي به 45 سيڪڙو، ريگوليٽري ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. مرد ۽ عورتن جي امپورٽڊ اوور ڪوٽ، ٽوپي، جيڪسن، ٽرائوزر، اسڪرٽس ۽ شارٽس به 10 سيڪڙو مهانگا ٿيا. واٽر پروف ليڊر جا جوتا، واش بيسن، باٿ ٽب ۽ امپورٽڊ ڪمبوڊ جي ريگوليٽري ڊيوٽي ۾ به اضافو ٿي ويو.