پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڦڦي جي خواهش پوري نه ٿي سگهي، ڀائٽيا پاڪستان نه پيا اچن پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته اڳوڻي بهابهي پنهنجي ٻارن کي پاڪستان وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، مهاتما جا پنهنجا ٻار ئي احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيندا ته پوءِ انقلاب ڪيئن ايندو هن چيو ته 5 آگسٽ جو احتجاج شروع کان اڳ ئي فلاپ ٿي ويو، عليمه باجي به 5 آگھسٽ جي نام نهاد احتجاج جي ناڪامي جي اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏي عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت به احتجاج جي حامي ناهي، شهيدن جا مجسما ساڙيندڙ قوم لاءِ نفرت جو نشان بڻجي چڪا آهن پنجاب جي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي واقعن تي شرمندگي جي بجاءِ انهن جو دفاع ڪرڻ شرمناڪ آهي، جيڪي ماڻهو نااهل ٿي رهيا آهن اهي ناڪام بغاوت جا حقدار قرار ڏنا ويا.