مان ۽ علي امين ڊي چوڪ وڃي احتجاج ڪرڻ جي حق ۾ نه هئاسين: شير افضل مروت

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته مان ۽ علي امين گنڊاپور ڊي چوڪ وڃي احتجاج ڪرڻ جي حق ۾ نه هئاسين. هن چيو ته علي امين چاهيو ٿي ته ڪارڪن ڪلثوم اسپتال کان اڳيان نه وڌن پر پي ٽي آءِ ڪارڪن ڊي چوڪ وڃڻ لاءِ ضد تي هئا. هن دعويٰ ڪئي ته اسان احتجاج ڪرڻ ويا هئاسين اسان جا 12 ڪارڪن شهيد ٿيا، گولين جو اسان وٽ ڪهڙو علاج ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته گذريل رات دير سان پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. پي ٽي آءِ ترجمان چيو هو ته حڪومتي منصوبي جي تحت تحريڪ انصاف جي پرامن احتجاج کي في الحال ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. ترجمان چيو هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هدايت جي روشني  آئنده جي لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.