محرابپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان مجلس پڙهڻ لاءِ آيل مولوي تي قاتلاڻو حملو، سخت زخمي، اسپتال منتقل

محرابپور ڀرسان ڳوٺ ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي جي رهواسي مولوي فضل حسين خاصخيلي ڳوٺ پير قائم شاهه ۾ مجلس پڙهڻ لاءِ ويو ته پراڻي تڪرار تان هٿياربندن طرفان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ مولوي فضل حسين خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اهڙو اطلاع محرابپور پوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد ايس ايڇ او محرابپور واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ٿيل مولوي فضل حسين خاصخيلي کي پوليس موبائيل ۾ کڻائي رورل هيلٿ سينٽر آندو، جتي طبي امداد ملڻ بعد کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي ٿيل مولوي فضل حسين  خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته مون کي مجلس پڙهڻ جي بهاني سان ڳوٺ پير قائم شاهه ۾ گهرايو ويو جتي عمران نانگور، سيف الله نانگور ۽ علي رضا خاصخيلي منهنجي مٿان پسٽل جا فائر ڪيا. جنهن سبب مان سخت زخمي ٿي پيس هن چيو ته نانگور ڌر سان منهنجو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن جي خاتمي لاءِ معززين وٽ قرآن پاڪ تي فيصلا به ٿيا آهن پر سيف الله نانگور ۽ عمران نانگور وارن فيصلن تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته علي رضا خاصخيلي مخبر جو ڪردار ادا ڪري مون کي قتل ڪرائڻ جي سازش ۾ شامل آهي. هن ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته حملي آورن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف زخمي ٿيل مولوي جي گهر واري صبا خاصخيلي قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ محرابپور ٿاڻي تي پهتي جتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي مڙس کي سيف الله نانگور، عمران نانگور ۽ علي رضا خاصخيلي پير قائم شاهه ڳوٺ ۾ مجلس بهاني گهرائي سندس مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو آهي. گوليون لڳڻ سبب منهنجو مڙس سخت زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال روانو ڪيو ويو آهي.