ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل زور شور سان جاري آهي، هڪ پولنگ تي ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن هڪ گهوٽ ڄاڃين سميت ووٽ وجهڻ لاءِ پهچي ويو سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز جي علائقي محرابپور ۾ بابر نالي گهوٽ پنهنجي شادي جي ڏينهن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ تڪ اين اي 205 جي پولنگ اسٽيشن پهچي ويو گهوٽ سان گڏ موجود ڄاڃين به پنهنجا پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪيا. گهوٽ محرابپور کان نوابشاهه لاءِ ڄڃ وٺي روانو ٿيڻو هو ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي گهوٽ بابر چيو ته اڄ منهنجي زندگي جو يادگار ڏينهن آهي. ڪنوار وٺڻ وڃي رهيو آهيان پر ووٽ هڪ امانت آهي ان لاءِ اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهتس.