محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب محرم الحرام 1446هجري جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ 6 جولاءِ تي ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس ڪوئٽه ۾ ٿيندو مرڪزي رويت هلال ڪميٽي اجلاس جي صدارت چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو، اجلاس ۾ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ۽ زونل رويت هلال ڪميٽي ڪوئٽه جا ميمبر شرڪت ڪندا، جڏهن ته ٻين صوبن جي زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس مقرر هنڌن تي ٿيندا.