مدئجي مان اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن کي ڌاڙيلن جو فون، 30 لک روپيه ڀُنگ طلب

مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهتا جو رهواسي نوجوان 20 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو،  وارثن کي ڌاڙيلن پاران فون ڪري 30 لک روپيه ڀُنگ طلب ڪيو ويو آهي. مدئجي ۾ ڌاڙيلن پاران مغوي احسان علي سھتي جي وارثن کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون آهن ته 30 لک ڏيو نه ته نوجوان کي فل فرائي ڪري لاش کي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏينداسين. ٻئي پاسي شڪارپور پوليس نوجوان مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي. مغوي جي وارثن پاران نوجوان جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي ته اسان مسڪين آھيون ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ اسان جي حال تي رحم کائي  اسان جي نوجوان کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي. وارثن موجب ڌاڙيلن طرفان فون ڪال تي 30 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي اسان کي 10 ھزار به  ڏيڻ جي طاقت ناهي 30 لک ڪٿان ڏيون. وارثن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.