مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ ملندڙ 13 لاشن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. سفارتي ذريعن موجب مقامي اختيارين کي صرف 13 لاش ئي مليا، 13 لاشن جي سڃاڻپ جي عمل دوران انهن جو تعلق پاڪستان مان ثابت ٿيو جڏهن ته ٻيڙي حادثي کان پوءِ مقامي اختيارين کي 27 کان وڌيڪ لاش نه مليا. مراڪش ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعن ٻڌايو ته لاشن جي سڃاڻپ جي لاءِ نادرا جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن، فنگر پرنٽس ۽ تصويرون نادرا ڏانهن اماڻيون ويون هيون، نادرا طرفان تصديقي عمل مڪمل ٿيڻ تي فهرستون ٺاهيون ويون. ذريعن موجب ملندڙ 13 لاش نه سڃاڻپ جوڳا ۽ بنا دستاويزن جي هئا، هاڻ جلد انهن 13 پاڪستانين جا لاش ملڪ ڏانهن واپسي جو عمل شروع ڪيو ويندو. جلد سڃاڻپ ٿيل لاشن جي فهرست پرڏيهي وزارت ڏانهن اماڻي ويندي جنهن کان پوءِ لاشن جي واپسي جو عمل به شروع ڪيو ويندو. مراڪس ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿي ويل جن پاڪستانين جي سڃاڻپ ٿي آهي انهن جا نالا هن ريت آهن. سفيان علي ولد جاويد اقبال، سجاد علي ولد محمد نواز، رئيس افضل ولد محمد افضل ۽ قصنين حيدر ولد محمد بنارس شامل آهن. محمد وقاص ولد ثناءُالله، محمد اڪرم ولد غلام رسول، محمد ارسلان خان ولد رمضان خان، حامد شبير ولد غلا شبير ۽ قيصر اقبال ولد محمد محمد اقبال به فوت ٿي ويلن ۾ شامل آهن. انهي کان علاوه دانش رحمان ولد محمد نواز، محمد سجاول ولد رحيم دين، شهزاد احمد ولد ولايت حسين ۽ احتشام ولد طارق محمود جي به سڃاڻپ مڪمل ڪئي وئي آهي. پاڪستاني سفارتخاني مراڪش جي ذريعن موجب 15 جنوري تي ٻيڙي واقعي ۾ 44 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جا اطلاع هئا پر مقام اختيارين کي صرف 13 لاش ئي مليا. مراڪش ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني موجب فنگر پرنٽ ۽ تصويرون نادرا ڏانهن اماڻيون ويون هيون، نادرا طرفان تصديقي عمل مڪمل ٿيڻ کان فهرستون جوڙيون ويون آهن.