مريم نواز پنجاب جي روڊن جي تعمير ۽ مرمت جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب جي روڊن ۽ سمورن صحت مرڪزن جي تعمير ۽ بحالي جو پهريون فيز 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ بريفنگ ڏيندي اختيارين طرفان ٻڌايو ويو ته روڊ بحالي پروگرام فيز ٽو جي تحت 72 اسڪيمن جي منظوري ۽ 67 تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مريم نواز مالي سال جي آخر تائين پنجاب جي روڊن جي تعمير، مرمت سميت سمورن صحت مرڪزن جي تعمير ۽ بحالي جو پهريون فيز مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. انهي موقعي تي هن چيو ته رابطه روڊن جي بحالي ۽ تعمير، مرمت سان لکين شهري فائدو حاصل ڪندو. زرعي زمين کان منڊي تائين روڊ جي تعمير سان معاشي سرگرميون به وڌنديون. پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته مريم نواز هيلٿ ڪلينڪ بنجڻ ساب عوام کي صحت جون بهترين سهولتون ملي سگهنديون. ڳوٺن جي عوام کي پهريون ڀيرو شهرن جيان اعليٰ پرائيويٽ ڪلينڪس جو ماحول ملندو.